اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسل??مي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اسل??مي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روز ??ره جي معاملن ۾ بهتري جي اهميت تي روشني وڌي، هن رس??ل اڪرم ﷺ جي سيرت سان حسن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن ک?? اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، اسان ک?? منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريعي انهن صفتن ک?? عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ک?? اختيار ڪري اسان جو معاشرو بهتري طرف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔