اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بي آر ٽي کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيندي 100 مان 97 نمبرز ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي ته اها سروس اٽڪل هر لحاظ کان عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب ??ڻي ڇڏيو آهي، آگسٽ 2020ع ۾ ان جي شروعات کان هيستائين 71 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ان م??ن فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک کان وڌيڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن م??ن 20 سيڪڙو عورتن کانسواءِ 60 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني وا??ي طبقي سان آهي.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis