اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي غير رجسٽرڊ کنڊ جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ايف بي آر کي 60 ڏينهن ۾ جامع عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خريدارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، صدر چي?? ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. وفاقي ٽيڪس محتسب پرائيويٽ شوگر ملز کان کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تحقيقات جو آغاز ڪ??و هو، گذريل چئن سالن دوران ملز مختلف غير رجسٽرڊ خريدارن کي 2.7 ارب روپين جي کنڊ فراهم ڪئي، صرف ٽن خريدارن وٽ قومي ٽيڪس نمبر هو، ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو، شوگر ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪا??ڊ هوندو ??هي?? ايف بي آر شوگر ملن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، محتسب چي?? ڪمشنر، ايل ٽي او ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي. صدر چي?? ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس نه ??هي?? ايف بي آر ملز جي ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطمئن ??هي?? ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شوگر ملز جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهجي ٿي. صدر چي?? ته ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ س??گين غفلت ۽ نااهلي بدانتظامي جي برابر ??هي?? ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر 60 ڏينهن ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب کي عملدرامد جي جامع رپورٽ پيش ڪري.
صدر پاران ايف بي آر کي غير رجسٽرڊ کنڊ جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر