اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علم??ءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي ل??ءِ مار??يٽ ۾ ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي ل??ءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي.
ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2