اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي علم جي قيمتي آن لائين ذخيري کي استعمال ڪندي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن، اعليٰ تعليمي ادارن کي فنون لطيفه ۽ ادب جي شعبي ۾ تعليم جي ذريعي امن، ڀلائي ۽ جامعيت جي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ وفاقي اردو يوني??رس??ي آف آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي دوري ۽ فيڪلٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يوني??رس??ي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اطهر عطا ۽ فيڪلٽي سربراهن شرڪت ڪئي. يوني??رس??ي جي فيڪلٽي کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فنون لطيفه ۽ ادبيات جي گريجويٽس جي مارڪيٽ ۾ قدر ۽ طلب جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ مارڪيٽ سروي جي ضرورت آهي، فنون لطيفه ۽ فلسفي جو مطالعو هڪ ٺوس ۽ متوازن انساني شخصيت جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏي ٿو. صدر چيو ته فنون لطيفه، ادبيات ۽ فلسفي جي شعبن ۾ پڻ ??عليم کي هڪ جهڙي اهميت ڏيڻ گهرجي، استاد فارغ التحصيل شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي باعزت روزي ڪمائڻ جي قابل بڻائين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاقي اردو يونيورستي کي ملڪ ۾ فنون لطيفه ۽ ادب جي فروغ جي لاءِ هڪ مثالي ادارو بڻائين، بصارت ۽ جسماني طور تي معذور شاگردن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٻين شاگردن سان گڏ داخلا ڏيڻ گهرجي، خصوصي شاگردن جي لاءِ استادن کي تربيت پڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي انهن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. صدر چيو ته خصوصي تعليم جو مقصد رڳو شاگردن کي هنر ۽ تعليم ڏيڻ نه آهي پر ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. صدر اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۽ نجي شعبي ۾ تعاون ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شاگردن کي عملي تجربو ڏيڻ سان ??نهن کي لاڳاپيل شعبن ۾ مارڪيٽ ضرورتون سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اعليٰ تعليمي ڪميشن (ايڇ اي سي) ڪ??رس??را جي مدد سان ??اگردن ۽ استادن کي مختلف شعبن ۾ 4 هزار مفت ڪورسز تائين پهچ فراهم ڪئي آهي. ان کان ??ڳ اردو يوني??رس??ي جي وائيس چانسلر صدر کي يوني??رس??ي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ ان ??ي مسلسل رهنمائي ۽ تعاون تي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي ته هو فيڪلٽي کي ريگيولر ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري. بعد ۾ صدر يوني??رس??ي جي مختلف تعليمي بلاڪس جو دورو ڪيو ۽ چوماسي جي وڻڪاري جي حوالي سان ٻوٽو پڻ لڳايو.
شاگرد علم جي قيمتي آن لائين ذخيري کي استعمال ڪندي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت