نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن، عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي ??واز جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حامل?? عورتن جي ??حت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي خطاب ۾ڪيو. تقريب جو انعقاد گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن پاليسي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عورتون تڪرارن ۽ بحران سان غيرمتناسب طور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن ک?? اصولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ جي ??رورت آهي. جرمني جي ??هتمام هيٺ ان تقريب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ??عليٰ س??حي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهن.
عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر