اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت ۽ منهنجي پارٽي آئين موجب هر شهري جي اظهار جي آزادي جي حق کي يقيني بڻائڻ جي پختي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت شهرين کي پاڻ اهڙا فورمز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آزادي جو پوري طرح سان اظهار ڪن، اهڙن فورمز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ??رڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جا آ??يسر ۽ جوان اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کا?? ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪ??ي رهيا آ??ن. هن اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مون کي افسوس آهي ته ڪجهه شرڪت ڪندڙن پاران ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم پاران گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت