شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ي??رپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل ملاقات ڪئي. چارلس مائيڪل پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ يورپي يونين جي احساس ۽ امداد کي ساراهيو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلين جا تباهي آڻيندڙ اثر سمورن ملڪن جي اتحاد جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وانگر موسمياتي تبديلين جي خلاف عالمي اتحاد گهربل آهي، فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ ۾ يورپي يونين جي تعاون کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ ي??رپي يونين ۾ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهي??ن، يورپي يونين ۽ پاڪستان جي حصيداري ۽ ٻطرفو تعاون ماضي ۾ گ??يل مفادن کي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي اعتماد ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند ۽ منتظر آهي??ن، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔