اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي ??ي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار 20 ڊسمبر تي بنون دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن شهيدن جي وارثنس ا?? افسوس جو اظهار ڪيو. ??در چيو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين پنهنجي مشن تان نه هٽنداسين. هن شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ??در سپاهي بابر ايوب ۽ لانس نائيڪ حليم جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪ??ي. ??هشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. ??در شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام