اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي قوم کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته 1940ع ۾ اڄ جي ڏينهن ننڍي کنڊ جي م??لمانن قرارداد پاڪستان منظور ڪئي ۽ هڪ جدا وطن جو مطالبو ڪيو، جتي اهي اسلامي نظرين موجب آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي 23 مارچ 2023ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان باني پاڪستان جن جي جدوجهد ۽ قرباني جي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو، کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي م??لمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ، هندوتوا واري وڌندڙ لهر ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ غير??ان??ني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران جاري ظلم ان ڳالهه ج?? ثبوت آ??ي ته ان وقت جي م??لمان قيادت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هي ڏينهن هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي به ياد ڏياري ٿو. آزادي جي وقت اسان مهاجرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، نئين وجود ۾ رياست جي آئيني ۽ انتظامي م??ئلن، سلامتي جي خطرن، نئين رياست کي م??بوط سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جهڙا ڪيترائي چئ??ين??ز درپيش هئا، انهن چئ??ين??ز جي باوجود اسان پنهنجي م??لسل محنت ۽ قابليت سان هر شعبي ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته اسان رياستي ادارا قائم ڪيا، پنهنجي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، ائٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي ۽ ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو ۽ قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته اسان کي ??ان??ن جي حڪمراني يقيني بڻائڻ، جمهوريت کي م??بوط بڻائڻ، پنهنجي م??اشري ۾ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، خصوصي م??ڻهن جي حقن جي فراهمي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي، پنهنجي شهرين جي انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان جي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي منهنجو پڪو يقين آ??ي ته اسان پاڪستان کي درپيش چئ??ين??ز تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط سان ڪم ڪندا رهنداسين ته اسان پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائي سگهون ٿا. الله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.
1940ع ۾ 23 مارچ تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن قرارداد پاڪستان منظور ڪئي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج