اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ??رت??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڌرين گهڻ رخي ۽ تاريخي لاڳاپن جو جائزو ??رت??. هنن اعليٰ ??طح جي مٽاسٽا جو انگ وڌيڪ وڌائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موجوده اداراجاتي ميڪانزم کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، افرادي قوت، زراعت، ٽرانسپورٽ رابطن ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ جارجيا جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جو نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪري رهيا آهن. ايجنڊا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ شامل آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ