اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي سخت ??ذم?? ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڊينمارڪ جي عملدارن مان اميد آهي ته اه?? نفرت ۽ اشتعال انگيزي جي اهڙين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندا. بيان موجب ??هڙي قسم جي ڪڌين ڪاررواين جو مقصد سڄي دنيا جي 2 ارب مسلمانن جي توهين ڪرڻ ۽ برادرين، ثقافتن ۽ ملڪن جي وچ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اهي ڪارروايون ڪنهن به تعريف موجب ??ظهار جي آزادي نه اظهار جي راءِ ۽ احتجاج جي بهاني مذهب?? نفرت جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي اجازت کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته مسلمانن جي خلاف تقريرون ۽ اشتعال انگيز ڪارروايون جاري رهڻ غيرذميواراڻي ۽ غلط آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه کي برقرار رکيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي ذميواري سان ٿيندي آهي اها قومي حڪومتن، علائقائي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اهي اسلامو فوبيا ۽ مذهب?? نفرت جي ڪڌن ڪمن جو آواز، ??ذم?? ۽ فعال طور تي روڪي، جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران زور ڏنو ويو آهي. لاڳاپيل ملڪن کي مذهب?? نفرت جي اهڙين ڪاررواين جو ازالو، روڪڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. بيان مو??ب عالمي برادري کي اسلامو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب پاڪستان پنهنجي پاران عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جو سوال اٿاريندو رهندو. اهو مسئلو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پنهنجي هم منصبن ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري سميت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جو اهم نقطو هو. بيان موجب ??ده ۾ او آءِ سي جي هيڊڪوارٽرز ۽ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ اسلامو فوبيا جي ان بار بار ٿيندڙ ڪاررواين بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي پئي وڃي.
پاڪستان پاران ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي واقعي خلاف ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : کڑک