اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل کي بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) کي روڪڻ ۽ سڄي دنيا ۾ غذائي ناڻي واڌ تي ان جي اثرن بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گذريل سال بي ايس جي آئي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي ان کي درخواست ڪئي ته هو تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ان قدم کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون جاري رکي جيڪو سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪري. بلاول ڀٽو زرداري يورپ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي بار بار ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪندي بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل جي ??وششن کي ساراهيو. هن اس??امو فوبيا جي وڌندڙ ر??حان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان جوڙي گڏيل قومن جي سطح تي گڏيل ڪارروائي تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ??س ۾ گڏيل قومن س??ن پاڪستان جي جاري تعاون تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪ??يٽ??ي جنرل کي سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر عورتن کي ”لينڊ ٽائٽلز“ جي فرهامي جي لاءِ شروع ڪيل تازي منصوبي ک??ن پڻ آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت