اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ جبر جو هڪ نئون دور شروع ڪيو آهي، ميڊيا کي دٻائڻ ۽ ڪشميري ??وا?? جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون ڪي??ن پيون وڃن. يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ياد ڪرڻ جو هڪ سنجيده موقعو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڏينهن ڀارت آءِ آءِ او جي ڪي، جي خاص حيثيت کي ختم ڪيو ۽ ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هن چيو ته ڀارت خطي جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ۽ ڪشميري ??وا?? جي حق خوداراديت کي مجروح ڪندي نام نهاد يونين ٽيريٽريز قائم ڪري ڇڏيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي قدمن سان آبادياتي تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشميري ??وا?? کي پنهنجي ئي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت بڻجڻ جو خطرو درپيش آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ جبر جو هڪ نئون دور شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته تازو ئي ڀارتي عملدارن ڪشميري اڳ??اڻ ياسين ملڪ ل??ءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي، بيگناهه ماڻهن کي هراسان ڪرڻ، گهيراءَ ۽ تلاشي جون ڪارروائيون ۽ عدالت کان مٿانهان قتل روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري ??وا?? پنهنجي ب??يا??ي اظهار جي آزادي، اجتماع ۽ مذهب کان محروم آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته هو پنهنجي سڃاڻپ جي خود اراديت واري حق کي استعمال ڪرڻ کان به قاصر آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سڀني پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل تي ٻڌل آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي سنگين ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي واپسي سخت قانونن جي رد ٿيڻ ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ڄمون ڪشمير تڪرار جي ڌر طور پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق آزاد ۽ غيرجانبدار ر??ءِ کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ل??ءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪشميري ??وا?? جي خودراديت واري حق جي حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور ۽ ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو هڪ نئون دور شروع، ميڊيا کي دٻائڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania