اسلام آباد ?? 01 ??? نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ما??هو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ ج??ئزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ا??جد ثاقب، غربت جي خاتمي واري وزارت جي سيڪريٽري يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پروگرام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ما??هو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال پروگرام جي ڪل بجيٽ 471 ارب رپيا آهي. نگران وزيراعظم بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جا نتيجا انتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ما??هن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ما??هو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. نگران وزيراعظم چيو ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ما??هو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام جا حصيدار بڻجن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بينظير ا??ڪم سپورٽ پروگرام مقامي خيراتي ۽ فلاحي تنظيمن سان پارٽنرشپ ڪري. نگران وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر ممڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.
نگران وزيراعظم پاران لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد