اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??نڊ عمل ۾ عو??تن جي فعال ڪردار کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته عو??تن کي بااختيار بڻ??ئڻ مقدس فرض آهي، صنفي امتياز جي خاتمي جي شروعات هر گهر کان ٿيڻ گهرجي، رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي، عو??تن کي برابر حق ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان ۽ عو??ت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سياست ۾ عو??تن جي شموليت جي عنوان سان ٿيندڙ پاليسي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عو??تون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻ??ئڻ اسان جو مقدس فرض آهي. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ پهرين عو??ت وزيراعظم پاڪستان مان ٿي. هن چيو ته هر گهر ۾ پٽن ۽ ڌيئرن کي برابر حق ملڻ گهرجن. رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي. هن چيو ته عو??تون برابر جون شهري آهن انهن جا حق مردن جي برابر آهن. هڪ ماءُ کي بهادري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته اها پنهنجي ڌيءَ کي به ڪنهن به طور تي اهو تاثر نه ڏي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان ڪنهن به طرح گهٽ آهي. چ??نڊ عمل ۾ عو??تن جي شموليت کي لازمي قرار ڏيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 16 ڊسمبر کان اڳ ڪنهن به اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيندي. چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته عو??تن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون حڪومت کي پنهنجون تجويزون ڏين. عو??تن کي بااختيار بڻ??ئڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ جيڪو به ممڪن هوندو حڪومت قدم کڻندي.
چونڊ عمل ۾ عورتن جو فعال ڪردار لازمي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ مقدس فرض آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب