ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرع??م آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائو??ڊي??ن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائو??ڊي??ن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هن وقت گڏ??ل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آ??ي. ??يليفون ڪال دوران نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيل پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ گيٽس فائو??ڊي??ن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم بل گيٽس کي سڄي پاڪستان ۾ جاري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي مسئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي موضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرع??م آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس