ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ??و دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان ??وجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي ساراهيندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته اهڙي قوم جي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان ??جن جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگر??ي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارا??ن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگ??ان وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو نگ??ان وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگ??ان وزيراعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو، بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز