اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سنڌ جي ناليواري ڊراما ليکڪ، ناول نگار ۽ افسانه نگار علي با??ا جو فن امر ۽ لازوال آهي، علي با??ا جي لکڻين ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي، علي بابا موهن ج?? دڙو تي شاندار ناول لکيو، سندس لکڻين ج?? اردو سميت ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي لکيل ڪتاب ”علي با??ا جي شخصيت ۽ فن“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مدد علي سنڌي علي بابا ۽ سندس زندگي تي تمام شاندار ڪتاب لکيو آهي. هن چيو ته علي بابا فقير ۽ درويش انسان هو جيڪو ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيو. هن چيو ته سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب رکندڙ سرزمين آهي، ان ج?? پنهنجو هڪ مزاج آهي. هن چيو ته علي با??ا جي شخصيت بابت ڪتاب جي اندر ڪافي تفصيل موجود آهن. هن چيو ته علي با??ا جيترو وڏو ليکڪ هو ايترو ئي هو پنه??جي عظمت کان غافل هو، هن پنه??جي ذاتي زندگي ۽ لکڻين ۾ پنه??جي عظمت جي بار بار نفي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته علي با??ا جي لکڻين ۽ افسانن ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته علي بابا موهن ج?? دڙو تي شاندار ناول لکيو، سندس لکڻين ج?? انگريزي سميت پاڪستان ۾ اردو ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته علي با??ا جو ڊرامو ”دنگي منجهه درياءَ (دريا ۾ تيرندڙ ٻيڙي) ميوخ ۾ ٿيندڙ سالياني ڊراما فيسٽيول ۾ بهترين ڊرامي جو ايوارڊ کٽيو. نگران وفاقي وزير چيو ته علي بابا تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ پنه??جي زندگي گذاري پر پنه??جي عزت نفس کي ڪڏهن قربان نه ڪيو. هن علي با??ا جي لکڻين کي پڙهڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته علي با??ا جو فن امر ۽ لازوال آهي، علي بابا اڄ به اسان سان گڏ پنه??جي فن ج?? صورت ۾ موجود آهي. هن نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن علي با??ا جي زندگي تي هڪ بهترين ڪتاب لکيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ج?? ڪوشش هوندي ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ علي با??ا جي لکڻين کي نئين شڪل ڏئي پيش ڪيو وڃي.
علي بابا جو فن امر ۽ لازوال آهي، موهن جو دڙو ناول شاندار آهي، سندس لکڻين جو اردو سميت ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر