اسلام آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن با??ت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني سان گڏ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ ف??ڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو، جتي اعليٰ ع??لدارن کيس اداره جاتي معاملن تي بريفنگ ڏني. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق نادرا هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر گهرو وزير جي آجيان ڪئي. نادرا عملدارن طرفان گهرو وزير کي اداري با??ت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته نادرا انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جو حامل ادارو آهي ۽ اسان جو اهم قومي اثاثو آهي. گهرو وزير چيو ته شناختي دستاويز کي حاصل ڪرڻ شهرين جو بنيادي حق ??هي ۽ ان سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايف آءِ اي جي دؤري جي موقعي تي ڊي جي ايف اءِ گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ايف آءِ اي عملدارن گهرو وزير کي بريفنگ ڏني.
گهرو وزير پاران نادرا ۽ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام