اسلام آباد – 09 مارچ (ا?? پي پي) پارليامنٽ هائوس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پ??يذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ميمبرن کي پولنگ جي طريقيڪار ۽ بيلٽ پي??ر جي استعمال جي حوالي سان هدايتن جاري ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ جي شروعات کان اڳ پ??يذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل اميدوار جي نالي آڏو ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل اميدوار جي نالي آڏو ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خراب ٿي وڃي ته هو پهريون بيلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کان علاوه ٻيو قلم نشان لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ