برسلز – 21 – ??ار?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ا??جن??ي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر ج??رل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۽ پهرين ائٽمي توانائي سمٽ منعقد ڪ??ڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته باني ميمبر ج?? حيثيت سان پاڪستان ا??جن??ي جي ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهميت ۽ توانائي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جو حصو وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ا??جن??ي جي فني تعاون جي ڪم جي اهميت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي اي اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي جي طور تي ائٽمي توانائي جي اهميت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. ڊائريڪٽر ج??رل آءِ اي اي اي ا??جن??ي سان پاڪستان جي تعاون کي ساراهين??ي چيو ته ايشيا ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ائٽمي منصوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪ??ڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊائريڪٽر ج??رل آءِ اي اي اي گذريل سال پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو، جڏهن کيس پاڪستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي ميدان ۾ پاڪستان جي ترقي جو مشاهدو ڪ??ڻ جو موقعو مليو.
پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی