بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين ??ي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي ??يئرمين ??ان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي ??ائنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين ??ي ناليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا ??ئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ??ٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين ??ي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ گيزوبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگ??ي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گروپ پاڪستان ۾ پنهنجي ??اروباري مقصدن کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگ??ي ٿو. گيزوبا گروپ جي ??يئرمين پاڪستان ۾ چيني شهرين ??ي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين ??عبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگ??ه ڏيندي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : números dupla sena