اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ??رط??نيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي معاملن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ڊيوڊ ليمي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي ??رط??نوي پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ??رط??نيا ۾ نئين حڪومت پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??رط??نوي پاڪستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ڏس سميت ??رط??نيا سان پنهنجي لاڳاپن کي پاڪستان جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ??ي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. ??رط??نيا جي پرڏيهي وزير پنهنجي مدي دوران پاڪستان جي لاءِ ??رط??نيا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ٻطرفي تعاون ک?? وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي برطانيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena