اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)صدر م??لڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ چيو ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ??ن بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ سان ان جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، هيپاٽائيٽس سبب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر م??لڪت چيو ته هيپاٽائيٽس سان اسان جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خطرا لاحق آهن، پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي سان اسان ج?? صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. صدر م??لڪت چيو ته ??ڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي هٿي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ عل??ج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان عل??ج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر م??لڪت چيو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذريعي هيپاٽائيٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، اچو ته گڏجي ملڪ کي هيپاٽائيٽس کان پاڪ بڻايون.
هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ