اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آھي ته اسان کي صحتمند، ھنرمند، ??عل??م يافته قوم پيدا ڪرڻي آھي، قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو. انهن خيالن جو اظھار ھن اربع ڏينھن آبادي بابت پارلياماني فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو ويو آھي. قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو. اسان کي قومي ايجنڊه تي گڏجي ڳالھائڻو پوندو ۽ حل ڳولڻو پوندو. اڄ جو دور جدت جو دور آھي. احسن اقبال چيو ته افرادي سگھه بجائي ڪوالٽي جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي، صرف آبادي جي نه ب??تر صلاحتين جي پڻ ضرورت آھي، پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ ??ي شرح گھٽجي رھي ھئي پر وري اضافو ڏسڻ ۾ آيو آھي. 2017ع کان اھا شرح 2.4 سيڪڙو ھئي ۽ ھاڻ 2.5 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي. اھا قومي ترقي ۽ قومي مفاد لاءِ ھڪ چيلنج آھي. اسان کي پاڻي جي کوٽ کي به منھن ڏڻو پيو پوي. ھن چيو ته اسان کي صحتمند، ھنر مند، ??عل??م يافته قوم پيدا ڪرڻي آھي. آبادي جي وسيلن سان برابري ضروري آھي. قومي صحت ايمرجنسي جي ضرورت آھي. وف??ق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن. خواندگي ??ي شرح 60 سيڪڙو آھي جڏھن ته ترقي لا??ِ اھا شرح 90 سيڪڙو ھجڻ گھرجي. تعيلم ??ي شعبي ۾ وڏي ڪم جي ضرورت آھي ۽ ??عل??م ۾ سڌارن جي ضرورت آھي. احسن اقبال چيو ته دنيا ۾ ماءُ جي ??عل??م ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ تناسب ٿيندو آھي ۽ ٽڪنيڪي شعبن کي بھتر بڻائڻو پوندو.
قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجڻو پوندو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : loteria estadual