اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي س??ورين ڌرين تي زور ڏن?? آهي ته اهي امن کي ترجيح ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيا?? موجب اسرائيل تازي مهينن ۾ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي قدم کنيا جنهن جي ن??يج?? ۾ سنگين انساني بحران پيدا ٿي?? آهي. هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏي?? آهي، لبنان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سان بيگناهه شهرين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن. فلسطين، لبنان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو وي?? آهي ته سمورين ڌرين جي لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهي پـٺتي ٿين ۽ عالمي برادري کي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل کان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، لبنان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قرارداد?? موج?? فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جامع حل سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهم طور ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.
پاڪستان پاران وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج