اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرتشدد جي حوالي سان پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي، مظاهرو ڪندڙن پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي تشدد ڪيو، دنيا جي ??نهن به ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح جي تشدد ۽ حملن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ايس سي او ??ان??رنس جي موقعي تي به پي ٽي آءِ رنڊڪون وِجهڻ جي ??وشش ڪئي، پر هو پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگهي. اهڙو اظهار هن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان گڏ پريس ??ان??رنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو، پرتشدد احتجاج لاءِ ڪي پي ڪي جا سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا ويا، 9 مئي تي به پي ٽي آءِ سلامتي جي ادارن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، ان شخص لاءِ احتجاج ڪيو ويو جنهن تي بدعنواني جا سنگين الزام آهن، پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ باني جي ??يسن جي ٽرائل کان فرار ٿيڻ جي ??وشش آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ سياسي پارٽي گاديءَ واري هنڌ ۾ حملا ڪرڻ جي ??وشش ڪئي، جديد هٿيارن سان شرپسندن کي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ لاءِ آندو ويو، پي ٽي آءِ باني کي ثبوت ڏيڻا پوندا هن ڪجهه ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ باني کي سياسي انتقام جو نشانو نه پيو بڻايو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دعويٰ ڪري رهي هئي ته آزاديءَ تائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو، عمران خان تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، احتجاج جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو مهذب معاشرو برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پرتشدد سياست جو سلسلو 2014ع کان جاري آهي جنهن کان پوءِ لانگ مارچن جو انگ وڌيو، پر اهي هميشه ناڪام رهيا. احسن اقبال 9 مئي جي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڏينهن پي ٽي آءِ جي ??ارڪنن پاڪ فوج ۽ اهم ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، جن ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر لاهور جون رهائشگاهه شامل آهن. ايس سي او ??ان??رنس جي موقعي تي به پي ٽي آءِ رنڊڪون وِجهڻ جي ??وشش ڪئي، پر اهو پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگهيا. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سياسي قيدي ناهي، سندس خلاف ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، سندن وڪيل ٻُڌڻيءَ ۾ دير پيدا ڪرڻ جي ??وشش ڪري رهيا آهن، جيئن منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ به دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا هئا. هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ باني لنڊن ۾ ضبط ٿيل رقم کي پنهنجي فنانسر لاءِ وائيٽ مني ۾ تبديل ڪيو.
پرتشدد جي حوالي سان پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي، مظاهرو ڪندڙن پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي تشدد ڪيو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک