اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽي??ي ڪام بابت مم??ڪت?? وزير شزه فاطمه خواجه قومي ترقيءَ لاءِ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي جي مڪمل صلاحيت کي کولڻ لاءِ پاڪستان جي پاليسين کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب اسٽار لنڪ ۽ ايل اي او سيٽلائيٽ لائسنسنگ جي حوالي سان مم??ڪت?? وزير جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ اسٽار لنڪ جي لائسنسنگ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خ??ن، اسپيشل سيڪريٽري اظفر منظور، چيئرمين پاڪستان اسپيس ايڪٽيوٽي ريگيوليٽري بورڊ عامر ??رف??از احمد، چيئرمين اسپارڪو محمد يوسف خ??ن، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان، ٽي??يڪام جي ميمبر جهانزيب رحيم ۽ اهم ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اهو فيصلو ڪيو ويو ته ضابطن لاءِ ڪنسلٽنٽ جي ڀرتي ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ کي يقيني بڻائڻ، ڪنيڪٽيوٽي کي وڌائڻ ۽ فني جدت کي اڳيان وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه جي صدارت ۾ اجلاس، اسٽار لنڪ جي لائسنسنگ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II