ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آ??ي، ٻاهرئين ??دا??ن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيرا??ظم چيو ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن کي ضم ڪرڻ جو ٻوٽو هاڻي وڌي وڻ بڻجي ويو آ??ي، 2017ع ۾ سياسي عدم استحڪام جي ڪري معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو هو. هن چيو ته 2018ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ 100 ارب ڊالر هئي، نائب وزيرا??ظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن محمد نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي ته قرضن جي شرح جي ڊي پي جو 63 سيڪڙو هئي، 2018ع کانپوءِ پاڪستان جي قرضن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿيو. نائب وزيرا??ظم اسحاق ڊار چيو ??ه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته وزيرا??ظم جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. نائب وزيرا??ظم چيو ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي.
وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات