مڪو پاڪ – 18 اپريل(اي پي پي) سعودي عرب ۾ عالم اسلام جي ٻن مقدس ترين مسجدن مڪي پاڪ جي مسجد ال??را?? ۽ مديني پاڪ جي مسجد نبوي ۾ 27 هين رمضان جي رات جو 25 لک ماڻهن عشا جي نماز ۽ تراويح ادا ڪئي. سعودي عرب جي خابرو اداري مطابق مسجد ال??را?? ۽ مسجد نبوي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن عشا جي نماز ۽ تراويح ادا ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ ئي پڄي ويا، ٻنهي مسجدن جون سموريون منزلون، تحخانه، ڇتون ۽ ڀرپاسي وارا علائقا نمازين سان ڀرجي ويا، نمازين ۾ سعودي واسي ۽ اتي ترسيل پرڏيهي ۽ زائرين شامل هئا. الحرمين الشريفين انتظاميا 27 هين رمضان جي رات جي حوالي سان خاص انتظام ڪيا هئا. ان موقعي تي مطاف ۾ 02 لک کان وڌيڪ آب زم زم جون بوتلون، صفا ۽ مروه وچ ۾ تحفن جا 600 ٿيلها ورهايا ويا. پيرسن ?? معذور زائرين لاءِ 03 هزار اليڪٽرڪ ويل چيئرز فراهم ڪيون ويون هيون جن لاءِ 04 دروازا مختص هئا.
27 هين رمضان جي رات مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 25 لک ماڻهن عشا جي نماز ۽ تراويح ادا ڪئي
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔