والاريل بيت المقدس -11 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي صحت واري وزارت چيو آهي، ته غزه پٽي تي اسرائيل جي جارحيت جي نتيجي ۾ هاڻي تائين 260 ٻارن، 230 عورتن ۽ 8 ص??افين سميت 900 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. فلسطيني خابرو اداري مطابق فلسطين جي شهيدن ۾ 8 ص??افي شامل آهن ??ڏه?? ته 20 صحافي پيشيواراڻيون ذميواريون انجام ڏيڻ دوران بمباري ۾ سخت زخمي پڻ ٿيا آهن. صحت واري وزارت مطابق اسرائيل جي گهير??ءَ جي نتيجي ۾ غزه ۾ اسپتالن ۾ دوائون، طبي اوزار ?? ٻارڻ جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. صحت واري وزارت ٻڌايو ته بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ صحت جي نظام لاءِ هڪ چئلينج آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي سخت زخمي شهرين ۽ بيمارن جي حياتين کي خطرا درپيش آهن، جنريٽر وسيلي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فني ۽ انجنيئرنگ عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪ??ي رهيو آهي. هوڏانهن روس جي خابرو اداري (تاس) فلسطين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي، ته اسرائيل جي هوائي حملن جي نتيجي ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 22639 عمارتون ۽ 10 اسپتالون تباهه ٿي چڪيون آهن. ان کان علاوه 48 اسڪولن کي پڻ نقصان پهتو آهي ??ڏه?? ته علائقي ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي.
اسرائيل جي بمباري ۽ عسڪري ڪارروائي دوران صحافين سميت فلسطيني شهيدن جو انگ 900 ٿي ويو، غزه ۾ 22639 رهائشي عمارتون، 10 اسپتالون تباهه، 48 اسڪولن کي نقصان پهتو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام