اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي وزيرا??ظم محمد نواز شريف جي ويزن تحت صوبائي حڪومتن جي مڪمل ت??اون، هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ جرئتمند عوام جي لازوال قربانين سان 35 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ بين الاقوامي رانديون، بين الاقوامي ڪانفرنسون ۽ بين الاقوامي سياحت واپس اچي وئي آهي، مح??د نواز شريف جي ويزن موجب کنيل قدمن جي نتيجي ۾ دهشتگردي ۾ نمايان گهٽتائي آئي، پوري دنيا ۾ دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏيندڙن ۾ پاڪستان سڀ کان مٿي آهي. هو اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ??طل??عات ۽ نشريات واي وزارت جي اهتمام هيٺ اسپورٽس جرنلسٽس جي ايشيائي تنظيم اي آءِ پي ايس جي ڪانگرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. 33 ملڪن کان 70 وفد هن ٽن ڏينهن واري ڪانگريس ۾ شريڪ آهن.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo