ٽوڪيو -15 نومبر (اي پي پي) انساني حقن جي عالمي تنظيم هيوم?? رائيٽس واچ چيو آهي، ته جاپان جي جيلن ۾ قيد عورتن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ کان علاوه ڳورهارين عور??ن کي هٿڪڙيون هنيون وينديون آهن ۽ انهن کي پنهنجي کير پياڪ ٻارن ک??ن پري رکيو ويندو آهي.سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق هيوم?? رائيٽس واچ جي نئين رپورٽ ۾ جاپان تي الزام لڳايو ويو آهي ڪنهن ڪنهن وقت ٻار پيدا ٿيڻ کان پهرين ۽ ان جي فوراً بعد انهن کي هٿڪڙيون لڳائي وينديون آهن ۽ بزرگ قيدين جي سار سنڀال لاءِ پڻ انتظام ناڪافي آهن. رپورٽ ۾ اهڙين 60 عورتن جا انٽرويوز به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ان ک??ن پهرين ک??ن ئي اتي قيد آهن. رپورٽ ۾ جاپان جي انصاف واري وزارت جو موقف پڻ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ٻارن کي کير پيئارڻ، ٻارن کي کڻڻ، انهن کي وهنجارڻ يا ڊائپرز وغيره جي تبديلي جي وقت جيل ۾ قيد عور??ن کي ڪنهن به قسم جي پابندي کي منهن نه ٿو ڏيڻو پوي. انصاف واري وزارت طرفان اهو به پڻ چيو ويو آهي ته قيدي عور??ن کي سموري طبي امداد فراهم ڪئي ويندي آهي.
جاپان جي جيلن ۾ قيد عورتن کي ناروا سلوڪ جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي: هيومن رائيٽس واچ
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن