واشنگٽن – 21 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست اوڪلوهاما جي هڪ جج ڌاڙي دوران قتل جي ڏوهه ۾ 48 سالن کان قيد جوابدار کي بيگناهه قرار ڏئي بري ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي مطابق 70 ساله گلين سينمنز کي اوڪلوهاما ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ جج بي ڏوهي قرار ڏيندي ??يصلي ۾ چيو ته هن عدالت کي واضح ۽ اعتماد جوڳين شا??دين مان پتو پيو آهي ته گلين سيمنز کي جنهن ڏوهه لاءِ ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو اهو هن ڪيو ئي نه هو. هلندڙ سال هڪ جج گلين سيمنز جي ڪيس جي ٻيهر شنوائي جو حڪم ڏنو جنهن بعد جولاءِ ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. گلين سيمنز اوڪلوهاما سٽي جي پسگردائي واري علائقي ۾ شراب جي دڪان تي ڌاڙي دوران ڪيرولين سور??جر?? جي قتل جي ڏوهه ۾ 48 سال هڪ مهينو ۽ 18 ڏينهن قيد ڀوڳيو هو.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔