گڏيل قومون-29 مارچ (اي پي پي)انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) غزه ?? خوراڪ پهچائڻ کي نه روڪڻ جي اسرائيلي دعويٰ جي واضح ۽ قانوني طور تي مذمت ڪندي اسرائيل کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ?? خوراڪ جي امداد ??ي بنا رڪ??وٽ فراهمي جي اجازت ڏي ۽ هڪ مهيني اندر سمورن قدمن جي رپورٽ آءِ سي جي کي پيش ڪري. دي هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت حڪم ڏکڻ آفريقا طرفان ڪيل تازي درخواست جي جواب ۾ جاري ڪيو، جنهن ڊسمبر ۾ اسرائيل تي غزه ?? نسل ڪشي جو الزام لڳائيندي ڪيس پيش ڪيو هو. عدالت جي ججن جي هڪ پينل اهو فيصلو جنوري ۾ هڪ هنگامي قدم کانپوءِ جاري ڪيو هو جنهن ۾ اسرائيل کي هنگامي امداد ??ي فراهمي جو پابند ڪيو ويو هو. ججن چيو ته غزه ?? فلسطينين کي بدترين حالتون درپيش آهن ۽ ڏڪار ۽ بک پکڙجي رهي آهي، ججن چيو ته عدالت مشاهدو ڪيو آهي ته غزه ?? فلسطيني شهري ڏڪار جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. عدالت پنهنجي قانوني طور تي پابند حڪم ۾ اسرائيل کي چيو ته هو بنا ڪنهن دير جي گڏيل قومن سان مڪمل تعاون کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضرو??ي ۽ موثر قدم کڻي جنهن ۾ فوري طور تي گهربل بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد لاءِ سمورن لاڳاپيل ماڻهن طرفان وڏي پئماني تي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ طبي سامان جي بنا رڪ??وٽ فراهمي شامل آهي.
اسرائيل غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي: انصاف جي عالمي عدالت جو حڪم
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ