گڏيل قومون-29 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي فوڊ ايجن??ي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته جنگ سبب تباهه ٿيل ??زه ۾ اسرائيلي فوج طر??ان ملٽري چيڪ پوائنٽ ويجهو فائرنگ ۾ گاڏي کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ پنهنجي عملي جي چرپر کي ٻئي حڪم تائين معطل ڪري رهيا آهيون. ڊبليو ايف پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سنڊي ميڪ ڪين ڪالهه اٽلي جي گادي واري شهر روم مان جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ??زه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ اداري جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ جو واقعو مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي جنهن ??زه ۾ ڊبليو ايف پي جي ٽيم جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن اسرائيلي عملدارن ۽ تڪرار جي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو ??زه ۾ سمورن امدادي ڪارڪنن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن. ڊبليو ايف پي چيو ته حملي ۾ ڪو به زخمي ناهي ٿيو. ڪالهوڪي واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده ڊي ڪنفليڪشن سسٽم ناڪام ٿي رهيو آهي ۽ اهو وڌيڪ نٿو هلي سگهي. گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي ٽيم اڱاري جي رات هڪ مشن سان اداري جي ٻن بڪتر بند گاڏين سان ??زه جي مرڪزي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي قافلي کي وٺي واپس اچي رهي هئي ته اسرائيلي فوج گاڏي کي سڌي ريت فائرنگ جو نشانو بڻايو جڏهن ته گاڏي چيڪ پوائنٽ طر?? وڌي رهي هئي، وادي ??زه پل تي ان چوڪي کان رڳو ڪجهه ميٽر جي فاصلي تي ڊبليو ايف پي اطلاع ڏنو ته گاڏي تي گهٽ ۾ گهٽ 10 گوليون فائر ڪيون ويون، گڏيل قومن جي فوڊ ايجنسي چيو ته ??زه پهرين ئي نازڪ صورتحال محدود وسيلن ۽ وڌندڙ خطرن سبب وڌي وئي آهي، جنهن سبب فلسطينين کي خوراڪ جي فراهمي گهٽ ٿي رهي آهي. ڊبليو ايف پي موجب انساني همدري جا ڪارڪن تيزي سان اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي زد ۾ اچي رهيا آهن ۽ کين ??زه ۾ زندگي بچائيندڙ امداد پهچائڻ لاءِ ڪيترائي چئلينج درپيش آهن.
گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام غزه ۾ امدادي آپريشنز معطل ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر