ڪيف-03 جنوري (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته 2024ع دوران ڀڄي ويل يوڪرين فوجين جي انگ ۾ اضافو ??يو آهي، تنهن هوندي به اونهاري جي مند کانپوءِ ان رجحان ۾ گهٽتائي آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ان رجحان جو ??بب ج??گ جي ڊيگهه جي ڪري فوجين جو ٿڪجي وڃڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان رجحان جو هڪ ٻيو ??بب ملڪ ۾ ريزور فوجين ۽ انهن جي سپلائي جي کوٽ پڻ آهي، ان کان اڳ دفاعي رپورٽون شايع ڪندڙ آمريڪي ميگزين چيو ته هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ يوڪرين جا فوجي ڀڳوڙا ٿي چڪا آهن. رپو??ٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ج??گ جي ٽئين سال جي ويجهو پهچندي ئي ڪجهه يوڪرين جا فوجي ٿڪجي چڪا آهن ۽ ڪجهه جا حوصلا ڪمزور ٿي چڪا آهن، ڪجهه فوجي مبينه طور تي طبي بنيادن تي موڪل وٺندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن واپس ناهن ايندا، جڏهن ته ٻين پنهنجي ڪمانڊرن کي ويڙهه ??بب عين جنگ دوران پنهنجون پوسٽون ڇڏي ڏيندا آهن، رپو??ٽ ۾ اهڙي ئي هڪ يوڪرين جي فوجي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هن سرجري لاءِ فوج کان ميڊيڪل بنيادن تي موڪل ورتي هئي پر ان کانپوءِ هن پنهنجي زندگي جي حفاظت لاءِ فوج ۾ واپس نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو، يوڪرين جي فوجين کي هر 6 مهينن کانپوءِ 10 ڏينهن تائين جي موڪل وٺڻ جي اجازت آهي پر افرادي قوت جي کوٽ ??بب اڪثر وقت فوجي اهلڪارن کي 6 مهينن کانپوءِ به اها موڪلڻ وٺڻ ۾ دير يا انڪار کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڄاڻايل فوجي اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ج??گ جي صورتحال اها اهي ته روس طرفان 50 گولن جي جواب ۾ اسان طرفان هڪ گولو فائر ڪيو ويندو آهي، اسان روسي گوله باري جي نتيجي ۾ پنهنجي ساٿين جي جسم جا ٽڪرا ڏسندا آه??ون ۽ اهو محسوس ڪندا آه??ون ته ڪنهن به وقت اسان سان به ايئن ٿي سگهي ٿو. فوج جي ملازمت ڇڏيندڙ اهلڪارن جو چوڻ هو ته سندن تاثر موجب روس خلاف ج??گ جي قيادت کي پاڻ به پنهنجي فتح جي خاطري ناهي ۽ نه ئي ان ج??گ جي ڪا پڄاڻي نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ فوجين لاءِ ملڪي دفاع لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ جي فيصلي جو جواز ڳولڻ نفسياتي طور تي مشڪل ٿي رهيو آهي.
گذريل سال دوران ڀڄي ويل فوجين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي: يوڪرين جو صدر
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil