اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر فهميده مرزا وز??راعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏ??ي ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وز??راعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ڳالهه آهي. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪومت جي تمام وڏي طاقت هونديون آهن. هن چيو ته اسان گلا شڪوا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمه??ري?? جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وز??راعظم کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏ??ندي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، وز??راعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت ??لا??و وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسان کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق جمه??ري?? جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان منظور ٿئي ها.
جڏهن به جمهوريت جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا: ڊاڪٽر فهميده مرزا
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل