اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گنيش مندر کي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملڻ گهرجي، ??اڪ??تان هندستان نه آهي، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگهي، ??اڪ??تان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي. رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس اف ??اڪ??تان ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آهي، هن واضح ڪيو ته ??اڪ??تان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي، اسان جي لاءِ سفيد ر??گ ??ه ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد ر??گ ??اڪ??تان ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ??اڪ??تان سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند ملڪ جي لاءِ ??اڪ??تان جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان کي ??اڪ??تاني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ عنصرن جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته انشاءُ الله ??اڪ??تان جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند ملڪ آهي جت?? اقليتون مڪمل طور تي محفوظ هجن.
هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر