اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جڏهن تحريڪ ??ال??ان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي، اسان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن تي افغانستان ۾ سمورن گروپن جو اتفاق هجي، افغانستان جي اندر فيصلي س??زي جو اختيار افغان عوام جو حق آهي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان افغانستان جي معاملي تي چين، ترڪي، آمريڪا، برطانيه سميت سمورن علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خطي جا ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان کي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان مثبت صورتحال جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ??ال??ان ۽ آمريڪا کي ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به ??ال??ان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي س??ن اشرف غني جو رويو درست نه هو. هن چيو ته اسان جو ??ال??ان تي ڪنٽرول نه آهي ۽ نه ئي اسان وٽ ??ال??ان جي حوالي س??ن فيصلو ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان ??ال??ان جي ترجمان پاران اهو بيان ته افغانستان جي س??زمين ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، خوش ??ئن??ه آهي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڀارت افغانستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگر?? گروپن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو هو، ان جو هاڻي خاتمو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي حوالي س??ن اسان جو بنيادي شرط آهي ته افغانستان جي س??زمين ڪنهن به ٻي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به قيمت تي افغانستان کي عالمي دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز نه بڻجڻ ڏنو ويندو.
ٽي ٽي پي کي هندستان کان فنڊ ئي نه ملندا ته انهن جي چيلهه پاڻهي ٽٽي ويندي: چوڌري
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil