اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وز??ر ۽ او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حم??يت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پاڪستان جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي شاندار آجيان ڪئي. هن پاڪستان جي 75 هين پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابين جي دعا ڪئي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پاران قرارداد پيش ڪرڻ ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪردار تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو، سعودي عرب فلسطين مسئلي تي فلسطينين جي حم??يت جاري رکندو، اسان عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اتان جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيارن جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. يمن جي عوام کي انسا??ي بنيادن تي امداد فراهم ڪري هيا آهيون. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حم??يت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ انسا??ي بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي.
عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی