بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي ??زير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي ??زير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي ??زير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي ??زير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي ??زير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي ??زير سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جها??زي?? خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان گڏ آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ج?? دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ ج?? ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ??لڪ?? جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ??لڪ?? جي قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ جو جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. وزيراعظم جي دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.
وزيراعظم چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina