اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ??طرفي ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 هين بالي ڊيموڪريسي فو??م ۽ افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري 15 هين بالي ڊيموڪريسي فو??م ۾ جمهوري قدرن جي پاڪستان جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪندو. هو افغان عورتن جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعليم تائين برابر ??هچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن سان ??لاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ??لڪن سان ??نهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي عزم جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa