اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان بيت المال کي مالي سال 2023ع دوران 6 ارب 4 ڪروڙ رپيا مختلف منصوبن لاءِ فراهم ڪيا ويا. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق انفرادي مالياتي معاونت جي پروگرام لاءِ هڪ ارب 27 ڪروڙ رپيا، ايس آڙ سي ايل پروگرام تحت 76 ڪروڙ 42 لک رپيا 5 کان 6 سالن جي چائلڊ ليبر جي اسڪولن ۾ بحاليءَ لاءِ ورهايا ويا. عورتن کي بااختيار بنائڻ جي مرڪزن ۾ 44 ڪروڙ 11 لک 80 هزار رپيا، جڏهن ته ??اڪستان سوئيٽ هومز ۾ 51 ڪروڙ 70 لک رپيا خرچ ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال اولڊ هوم ۾ 54 لک 80 هزار رپيا استعمال ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال شيلٽر هوم ۾ 12 ڪروڙ 22 لک 80 هزار رپيا جڏهن ته ??ان?? سڀني لاءِ پروگرام ۾ 3 ڪروڙ 19 لک 50 هزار رپيا استعمال ڪيا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج