اسلام آ??اد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي 14 جاري ۽ 3 نئين منص??بن جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب وزارت جي 14 جاري منص??بن جي لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 3 نئين منص??بن جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آ??اد ۾ سائوٿ ايشين گيمز 22 – 2021ع منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي لاءِ 61 ڪروڙ 17 لک رپيا، اسلام آ??اد، فيصل آباد، واهه ڪينٽ، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ سوات ۾ هاڪي ٽرف جي تبديلي جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا، ميگا ايونٽس ۾ ش??ڪت جي لاءِ فارن ڪوچز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ اوزارن جي خريداري جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا، پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ بائيو مڪينيڪل ليب قائم ڪرڻ جي لاءِ 12 ڪروڙ رپيا ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ رستن، فٽ پاٿ، مين گيٽ ۽ سيڪيورٽي سسٽم جي بحالي ۽ تعمير جي لاءِ 10 ڪروڙ 35 لک رپيا رکيا ويا آهن، قومي رانديون منعقد ڪرڻ جي لاءِ 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي 14 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔