اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو جيڪو لازوال داستان لکيو، ان کي سدائين ياد رکيو ويندو. حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم حوالدار لالڪ جان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته قوم جي ان فر?? شناس ۽ بهادر فرزند ملڪ جي دفاع لاءِ بهادري ۽ جرئت جي اها لازوال داستان لکي جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ هجي يا ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جي دفاع جو معاملو، اسان جي غازين سدائين پيشيواراڻي مهارت ۽ جوانمردي ۽ اسان جي شهيدن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري قومي نظر??ي، ملڪي سالميت ۽ اسان جي آزادي جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حوالدار لالڪ جان شهيد سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فرمائي.
حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو جيڪو لازوال داستان لکيو، ان کي سدائين ياد رکيو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری