واشنگٽن – 22 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ طوفاني برفباري جهڙين شديد موسمي حالتن سبب فوتگين جو انگ 90 تائين پهچي ويو آهي. بي بي سي مطابق رڳو ٻن رياستن اوريگان ۽ ٽينيسي ۾ 41 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون جتي شديد برفاني طوفانن کانپوءِ هن??ام?? حالتون لاڳو ڪيون ويون. برفاني طوفانن بجلي جي فراهمي جي نظام کي شديد متاثر ڪيو آهي ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. موسميات کاتي مطابق ملڪ ۾ ٿڌ جي شديد لهر هلندڙ هفتي جي وچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ مطابق اوريگان ۽ ٽينيسي کان علاوه الي نوائي، پنسلوانيا، مسي سيپي، واشنگٽ??، ڪينٽڪي ۽ اسڪونسن، نيويارڪ، نيوجرسي ۽ ٻين رياستن ۾ پڻ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. اوريگان جي علائقي پورٽ لينڊ ۾ تيز هوائن سبب بجلي جي لائن جي هڪ تار هڪ گ??ڏي تي وڃي ڪري جنهن ۾ س??ار ٽي ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ويا. ان وقعي ۾ گ??ڏي ۾ س??ار هڪ ٻار بچي ويو. موسميات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته شديد برفباري کانپوءِ هلندڙ هفتي جي آخر تي گرم هوا ۽ برسات مڊويسٽ ۽ اتر اوڀر آمريڪا جي ڪجهه حصن ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
آمريڪا ۾ طوفاني برفباري سبب فوتين جو انگ 90 تائين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná