بيجنگ -07 نومبر (اي پي پي ) چين جي صدر شي جن پنگ ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊ??ڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو نئين دور ۾ هڪٻئي سان گڏجي هلڻ جو رستوڳولين ته جئين ٻنهي ملڪن ۽ وسيع تر دنيا کي فائدو پهچي. هن چيو ته مستحڪم مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن لاءِ ڪم ڪ??دا??ين ۽ عالمي برادري جي خواهشن تي پورو له??دا??ين. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ٻئي ڌريون گڏيل احترام، پرامن گڏيل بق??ءَ ۽ کٽڻ واري سهڪار جي اصولن کي برقرار رکڻ سميت ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي کي مضبوط ڪنديون. اختلافن کي مناسب طريقي سان منظم ڪنديون ۽ گڏيل فائديمند سهڪار کي وڌائينديون.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس