اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچستان جي سمورن ضلعن جو دورو ڪري ته جيئن عوام جي مسئلن جي حل جي حو??لي سان موثر قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان صوبي سان بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي چونڊن خاص طور تي ڪوئيٽا کان ڪش??يري پناهگيرن جي لاءِ مخصوص سيٽون کٽ?? تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم گورنر کي هدايت ڪئي ته هو بلوچستان جي سمورن ضلعن جو دورو ڪري ته جيئن عوام جي مسئلن جي حل جي حو??لي سان موثر قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ